اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جاري ڪيل عالمي مذهبي آزادي جي رپورٽ ۾ پاڪستان بابت بي بنياد دعوائن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن بابت اهڙي طرح جي غلط رپورٽنگ بي معنيٰ ۽ غيرذميواراڻي آهي، جنهن جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان کي پنهنجي گهڻ رخي مذهبي ۽ سماجي قدرن تي فخر آهي. پاڪستان جو آئين سڀني پاڪستانين جي حقن ۽ آزادين جي تحفظ ۽ ان جي عقيدي تي قطعي طور تي ان کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ وسيع پئماني تي قانوني، پاليسي ۽ مثبت قدمن جي لاءِ هڪ مضبوط فريم ورڪ مقرر ڪري ٿو. هن چيو ته اهي حق ۽ آئيني ضمانتون هڪ آزاد عدليه جي ذريعي محفوظ ۽ برقرار آهن. ترجمان چيو ته اسان ان ڳالهه تي پڪو يقين رکون ٿا ته هر رياست جي اها بنيادي ذميواري آهي ته اهي پنهنجي شهرين جي مذهبي حقن ۽ آزادي کي فروغ ۽ تحفظ فراهم ڪري. پاڪستان مذهبي آزادي ۽ اقليتن جي حقن جي اهم سوال تي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري سان تعميري تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته آمريڪا سميت پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ مسلم مخالف نفرت، نسل پرستي ۽ اسلامو فوبيا ۾ مسلسل اضافي بابت سنگين ڳڻتين جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته عالمي حصيدارن سان گڏجي مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ ۽ اسلامو فوبيا جي انهن خطرناڪ شڪلين جو مقابلو ڪنداسين.
متعلقہ مضامین
-
Low-lying areas inundated following heavy downpour
-
No person above institutions; no institution above country: army
-
PPP always worked for strengthening federation: Bilawal
-
‘PTI’s pledge to create 10 million jobs will remain a pipe dream’
-
After girl’s killing, Pakistani women speak out on abuse
-
ونڈوز فونز کے لیے بہترین سلاٹ مشینیں: تفریح کا بہترین انتخاب
-
سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں: سمندر کی گہرائیوں میں جوا کا سفر
-
پروگریسو سلاٹس کے لیے بہترین آن لائن کیسینو کا انتخاب
-
پروگریسو سلاٹس کے لیے بہترین آن لائن کیسینو: جیت کے مواقع کو دوگنا کریں
-
سلاٹ گیمز: دھوکے کی دنیا
-
مووی تھیمز کے ساتھ مفت سلاٹ گیمز مزیدار تفریح کا بہترین ذریعہ
-
مووی تھیمز کے ساتھ مفت سلاٹ گیمز کا تجربہ