رياض-28 آگسٽ (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي. ملاقات د??را?? غزه ۽ ڀرپاسي واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شهزاده محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب جنگ متاثر فلسطيني علائقن ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سمورن عالمي ۽ علائقائي ڌرين سان ڳالهيون جاري رکندو. هن فلسطيني عوام جي باوقار زندگي جي جائز حقن، سندن اميدن ۽ امنگن جي تڪميل، م??صف??ڻي ۽ جٽادار امن لاءِ سعودي عرب جي مستقل حمايت جو ور??اء?? ڪيو. ان موقعي تي سعودي بچاءَ وارو وزير شهزاده خالد بن سلمان، پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، جنرل انٽيليجنس جو سربراهه خالد بن علي الحميد ۽ فلسطيني اٿارٽي جا اعليٰ عهديدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت