اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين سان واپار، معيشت، ??قا??ت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان عوامي جمهوريه چين جي نامزد سفير چيانگ زي دنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس ايوان صدر ۾ پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر کي وينزويلا ۽ ڪولمبيا جي (غيررهائشي) سفيرن پڻ سفارتڪاري سندون پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ چين جي نامزد سفير چيانگ زي دنگ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، چين سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پاڪستان سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبي سان پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائن، صلاحي وڌائڻ ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي وقت تي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي، هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وينزويلا جي نامزد سفير هوزي رافيل سلوا اپونٽي پڻ ملاقات ڪئي. پاڪستان وينزويلا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي خصوصي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته وينزويلا جا سيڙپڪار پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پال??سي?? مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر سان ڪولمبيا جي نامزد سفير جوليو اينيبل ??يانو ويلانڊيا پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪولمبيا سان اقتصادي، ??قا??تي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سفير پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
متعلقہ مضامین
-
UHE hosts Punjab Youth Summit on Combating Irregular Migration & Empowering Local Opportunities
-
IHC summons Islamabad IG over disappearance of Ahmad Noorani’s brothers
-
SHC extends stay on IRSA certificate for canal construction
-
Ceasefire for stability: PM Shehbaz confirms peace deal with India
-
دی لیجنڈ آف پرسئیس آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
Miracle کا سرکاری تفریحی داخلی راستہ: تفریح کی دنیا میں انقلاب
-
دلچسپ جنگل سرکاری تفریحی ایپ
-
Two convicted hanged in Multan, Haripur
-
Pakistan resolves to tackle deplorable practice of honour killing
-
57 students injured as earthquake strikes Battagram
-
COAS vows indiscriminate operation to eliminate sleeper cells of terrorists
-
European Blackjack Rasmi Tafreehi Website Ka Mukammal Jadeed