اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلا??ات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعيد احمد شيخ جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ دنيا جي انمول هستيءَ آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته والده جو لاڏاڻو اولاد جي لاءِ وڏو سانحو آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سعيد احمد شيخ جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعيد احمد شيخ جي والده مرحومه جي آخرت جون منزلون ??سان فرمائي. مرحومه جي روح کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن